اربيلو فقير  ڪٽپر

اربيلو فقير ڪٽپر

اربيلو فقير ڪٽپر

اربيلو فقير ڪٽپر: اربيلو فقير ڪٽپر ولد خليفو ڪريم ڏنو ڪٽپر، تعلقي روهڙي جي ڳوٺ بخشي ڪٽپر ۾ جولاءِ 1947ع ۾ ڄائو. 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ لاءِ جڏهن صدر پاڪستان نائين ڪلاس ۾ پير صاحب پاڳاري کان حر مجاهد گهريا، تڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 18 سالن جو جوان اربيلو فقير مرشد جي حڪم تي لبيڪ چئي، حر مجاهد فورس ۾ ڀرتي ٿيو. پاڪ رينجرز جي ٽن مهينن جي جنگي ٽريننگ کان پوءِ سندس قابليت کي نظر ۾ رکندي، کيس ڪمپني ڪمانڊر حر مجاهد فورس مقرر ڪري محاذ تي موڪليو ويو. فقير صاحب پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندي هندستان آرميءَ کان شاهه ڳڙهه ۽ گهوٽاڙو قلعا ۽ لونگن واري ۽ سادان چوڪيون فتح ڪيون. محاذ دوران هندستان آرميءَ جي ڪمانڊر جنرل سريش مترا ٽن هزارن جي وڏي مسلح فوجي جٿي سان پاڪستان تي زميني حملو ڪيو ته اربيلي فقير ڪٽپر فقط ڏهن حرن سان گهيرو ٽوڙي، سريش مترا جي پٺيان حملو ڪري کيس مات ڏئي فتح حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي بهادرن ۾ پنهنجو نالو لکرايو. انهيءَ ڪارنامي سبب صدر ايوب خان اربيلي فقير کي ”ستارهء شجاعت ڏنو“. اربيلو فقير هن وقت روهڙي ۾ رهي ٿو.


لفظ اربيلو فقير ڪٽپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.00  عيسوي

اربيلو فقير ڪٽپر: اربيلو فقير ڪٽپر ولد خليفو ڪريم ڏنو ڪٽپر ، تعلقي روهڙي جي ڳوٺ بخشي ڪٽپر ۾ جولاءِ 1947ع ۾ ڄائو . 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ لاءِ جڏهن صدر پاڪستان نا



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاڳت فقير
بادو درويش
آغا حسن علي
روشن عطا
رنوير سنگھه
جان محمد جمالي
سيد علي ثاني ٺٽوي
امام بخش مڱريوحڪيم
چانڊيو حڪيم محمد عالم
رسول بخش خان ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون